پاڪستانسنڌ

واپڊا هائيڊرو يونين جو مطالبن جي مڃتا لا ريلي جو اعلان

آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين سي بي اي مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊي چوڪ اسلام آباد تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ليبر هال حيدرآباد ۾ آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين سي بي اي جو هنگامي اجلاس مرڪزي صدر عبدالطيف نظاماڻي جي صدارت ۾ ٿيو، ان موقعي تي عبداللطيف نظاماڻي چيو ته سمورين بجلي ورهائيندڙ خانگي ڪمپنين، نون ملازمن جي ڀرتين، قومي ادارن کي خانگائڻ، پيپڪو ۽ واپڊا جي بحالي سميت بي او ڊي جي خاتمي تي غور ويچار ڪندي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت اداري کي ترقي ڏيارڻ ۽ ملڪي مفاد کي سامهون رکندي اسان جا مطالبا فوري طور تسليم ڪري ۽ اداري کي منافعي بخش بڻائڻ لاءِ سڌارا آڻي. هن چيو ته 9 نومبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ سنڌ جا ملازم سڀني کان اڳتي هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button