اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا 11 ڄڻن جون حياتيون کسي ورتيون،561 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 11 مريض فوت ٿي ويا آهن، فوتين جو انگ 28 هزار 477 ٿي ويو آهي. ڪالهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 561 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. هڪ هزار 313 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته پنجاب ۾ 4 لک 40 هزار 542، سنڌ ۾ 4 لک 70 هزار 690، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 78 هزار 204، بلوچستان ۾ 33 هزار 274، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 391، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 990، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 487 ڪيسز رپورٽ ٿيا. سموري ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 43 هزار 914 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 23 هزار 531 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 313 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اهڙي طرح ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 74 هزار 578 ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button