عالمي

ڪابل جي اسپتال ۾ 2 ڌماڪا، 19 ڄڻا مارجي ويا، 50 زخمي

افغانستان جي راڄڌاني ڪابل جي اسپتال ۾ حملي جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا مارجي ۽ 50 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب طالبان طرفان ٻن ڌماڪن جي تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن فائرنگ جو به اطلاع ڏنو آهي. افغانستان جي صحت واري وزارت جي عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڪابل جي اسپتالن ۾ 19 لاش ۽ تقريبن 50 زخمين کي منتقل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ افغان گھرو وزارت جي ترجمان قاري سعيد خوستي جو چوڻ هو ته ڌماڪا 400 بسترن تي ٻڌل سردار محمد دائود خان اسپتال ۾ ٿيا. هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي فورسز کي علائقي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جاني نقصان بابت ڪو به اطلاع نه آهي. مقامي ماڻهن طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ وچ ڪابل جي اڳوڻي سفارتي زون جي ويجهو وزير اڪبر خان علائقي مان دونهون اٿندي ڏسي سگھجي ٿو. سرڪاري خابرو ايجنسي اکين ڏٺن شاهدن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته دهشتگرد تنظيم داعش جا ويڙهاڪ اسپتال ۾ داخل ٿيا ۽ هنن جو سيڪيورٽي فورسز سان چڪريون ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button