سنڌ

اسان جيل جي نظام ۾ تمام گهڻي بهتري آندي آهي:مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان جيل جي نظام ۾ تمام گهڻي بهتري آندي آهي. سنڌ حڪومت صوبي جي جيلن کي اصلاحي مرڪزن ۾ تبديل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. هن اهڙو اظهار اقوام متحده جي آفيس براءِ منشيات ۽ ڏوهن خلاف (يو اين او ڊي سي) ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي مشن طرفان پرزن مينجمينٽ انفارميشن سسٽم (پي ايم آئي ايس) جو باضابطا ڪنٽرول ۽ ان تي عملدرآمد متعلق جيل کاتي جي معاملن کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته جيلن ۾ اصلاحات آڻڻ جو مقصد آهي ته جيل ۾ ايندڙ قيدي تعليمي يافتا، هنرمند ۽ معاشري لاءِ هڪ ڪارآمد شهري ثابت ٿي ٻاهر نڪري. اصلاحات کان پهرين جيلن مان ماڻهو وڌيڪ ڏوهاري ٿي نڪرندا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button