سنڌ

برک عالم ۽ اديب عزيز الله ٻوهيو مٽي ما حوالي

برک عالم، اديب ۽ سنڌ ساگر پارٽي جي چيئرمين عزيز الله ٻوھيو کي ھزارين آلين اکين سان سندس اباڻي ڳوٺ خير محمد ٻوھيو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ظفر علي شاهه، قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، جيئي سنڌ محاذ جي وقتي چيئرمين ھاشم کوسو، عبدالخالق جوڻيجو، تاج جويو سميت ھزارن جي تعداد ۾ سنڌ ساگر پارٽي جي ڪارڪنن، اڳواڻن، سياسي سماجي شخصيتن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ظفر علي شاھه چيو ته عزيز الله ٻوھيو سنڌ جي قدرآور شخصيت ھو، جنھن سنڌ ساگر پارٽي جو بنياد رکي سنڌ جي ماڻھن ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ڪئي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته عزيز الله ٻوھيو آخري وقت تائين سنڌ جي حقن لاءِ پتوڙيندو رھيو، رات ھجي توڙي ڏينھن سنڌ جي جھرجھنگ پھچي سنڌ جي ماڻھن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪئي، ھو عبيدالله سنڌي جي فڪر سان رھي سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجھد ڪئي. عبدالخالق جوڻيجي چيو ته عزيز الله ٻوھيو سنڌ جو بھادر پٽ ھو، جنھن سڄي حياتي پنھنجي اصول ۽ فڪر تحت گذاري، ھو وڏو عالم ھو. ھاشم کوسي چيو ته عزيز الله ٻوھيو سادو سياستدان ھو، ھن ڪڏھن پروٽوڪول جي ڳالھه نه ڪئي ۽ سادگي سان زندگي گذاري. سنڌي ادبي سنگت جي ضلعي رابطا سيڪريٽري مظھر خاصخيلي چيو ته عزيز الله ٻوھيو کي سدائين جدوجھد جي ميدان ۾ ڏٺو ھو. نامياري وڪيل شبير شر چيو ته عزيز الله ٻوھيو سنڌ جو ڪيس پاڪ ڪتاب جي روشني ۾ ڀرپور نموني پيش ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button