عالمي

دنيا ۾ 15 سالن دوران فرضن جي ادائيگي دوران 1200 صحافي قتل

گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو موجب 2006ع کان 2020ع تائين سڄي دنيا ۾ 1200 صحافي قتل ڪيا ويا، جڏهن ته قتل ٿيندڙ هر 10 صحافين مان 9 جا ڪيس حل نه ٿي سگهيا. 2 نومبر تي سڄي دنيا ۾ مختلف تنظيمون پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ صحافين جي قتل جي حل نه ٿيندڙ ڪيسن تي ڳالهه ڪنديون آهن ۽ انهن لاءِ انصاف جو مطالبو ڪنديون آهن، 2 نومبر تي صحافين جي سلامتي بابت يونيسڪو جي 6 مهينن جي رپورٽ تي به ڳالهه ڪئي ويندي آهي. يونيسڪو جو ڊائريڪٽر جنرل هر 6 مهينن کانپوءِ هڪ رپورٽ جاري ڪندو آهي، جنهن ۾ مختلف ملڪن ۾ صحافين خلاف ڏوهن جا تفصيل داخل هوندا آهن. پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جتي صحافي نه رڳو غير رياستي عنصرن هٿان غير محفوظ آهن پر کين حڪومتي ادارن طرفان به دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. گڏيل قومن ميمبر ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي صحافت سان سلهاڙيل ماڻهن جي تحفظ لاءِ ٺوس قدم کڻن، صحافين خلاف ٿيندڙ تشدد جي واقعن تي افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڏوهه ڪندڙن کي سزا جو خوف ئي ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button