رانديون

عالمي ڪپ جو وڏو اپ سيٽ،فيلڊنگ ۽ بيٽنگ ناڪام، زمبابوي کان شڪست

پرٿ: آءِ سي سي ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي اهم ميچ ۾ زمبابوي پاڪستان کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ هڪ رن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پرٿ ۾ کيڏيل ميچ ۾ زمبابوي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني بالرن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي زمبابوي کي مقرر 20 اوورن ۾ 130 رنسن تائين محدود ڪري ڇڏيو. هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پاڪستان کي پهريون نقصان ڪپتان بابر اعظم جو برداشت ڪرڻو پيو جيڪو صرف 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ محمد رضوان 23 جي اسڪور تي پويلين ۾ واپس هليو ويو، جنهن صرف 14 رنسون ٺاهيون. افتخار احمد به ناڪام رهيو ۽ صرف 5 رنسون ٺاهي جونگوي جو نشانو بڻجي ويو، جڏهن ته شاداب خان ڪجهه دير تائين شان مسعود جو ساٿ ڏنو ۽ 17 رنسون ٺاهي 88 جي اسڪور تي سڪندر رضا جي هٿان آئوٽ ٿي ويو. حيدر علي جي ناڪامين جو سلسلو ختم نه ٿيو ۽ هو پنهنجو کاتو کولڻ کانسواءِ سڪندر رضا جي بال تي پويلين ڏانهن موٽي ويو. شان مسعود 44 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ پاڪستان کي يقيني طور تي سٺي پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو پر ٻيا بيٽسمين ان مان فائدو کڻڻ ۾ ناڪام رهيا. محمد نواز ۽ محمد وسيم ٽيم جي اسڪور کي اڳتي وڌايو ۽ آخري ٻن اوورن ۾ فتح لاءِ 22 رنسون گهربل هيون، جنهن دوران نواز هڪ ڇڪو ۽ وسيم هڪ چوڪو هڻي فتح جي اميد کي وڌائي ڇڏيو پر آخري ٽن بالن ۾ ميچ پاڪستان جي هٿ مان نڪري ويو. جڏهن پاڪستان کي ٻن بالن تي فتح لاءِ 3 رنسون گهربل هيون ته محمد نواز مٿانهون شاٽ کيڏڻ تي آئوٽ ٿي ويو.

شاهين شاهه آفريدي کي ذميواري ڏني وئي ته هو هڪ بال تي 3 رنسون ٺاهي ٽيم کي فتح ڏياري پر هو هڪ رن ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 129 رنسون ٺاهيون. پاڪستاني ڄائي زمبابوي جي آل رائونڊر سڪندر رضا سڀ کان وڌيڪ 3 وڪيٽون ورتيون ۽ براڊ ايوانز 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. سڪندر رضا کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ياد رهي ته ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي اها مسلسل ٻي شڪست آهي ۽ هو اڃا تائين هڪ پوائنٽ به حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي پر هو پنهنجي بهتر رن ريٽ جي ڪري پوائنٽس ٽيبل تي نيدرلينڊ کان هڪ پوائنٽ اڳتي آهي. ان کان اڳ زمبابوي طرفان ماڌوير 17، ڪريگ ارون 19، ملٽن شيمبا 8، شان وليمز 31، سڪندر رضا 9، ريگس چڪابوا ٻڙي، ريان برل 10، ليوڪ جونگوي ٻڙي ۽ براڊ ايوانز 19 رنسون ٺاهيون هيون. زمبابوي جو ڪوبه بيٽسمين وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهي پاڪستان کي فتح لاءِ 131 رنسن جو هدف ڏنو. پاڪستان طرفان محمد وسيم جونيئر شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 4 اوورن ۾ 24 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ليگ اسپنر شاداب خان 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ميچ دوران پاڪستان جي فيلڊنگ به ناڪام رهي، فيلڊرن زمبابوي جي ٽن بيٽرن جا ڪيچ ڊراپ ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button