پاڪستانسنڌ

ارشد شريف قتل ۾ عمران ۽ ڪي پي جي وڏي وزير کي جاچ ۾ شامل ڪيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ارشد شريف جي قتل تي عمران خان ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ سوال اٿاريو ته ارشد شريف کي ڪنهن جي چوڻ تي پشاور ايئرپورٽ کان سرڪاري پروٽوڪول ۾ وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو؟ عمران خان پنهنجي سياست لاءِ هر شئي داءَ تي لڳائي رهيو آهي. هن چيو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان عمران خان جو اصل چهرو قوم سامهون کلي سامهون اچي رهيو آهي، رت ان شخص جي منهن تي لڳي ويو آهي، هي آزادي مارچ نه رتوڇاڻ جو مارچ آهي. سندس چوڻ هو ته قوم اندازو لڳائي ته عمران خان ڪهڙي حد تائين هليو ويو آهي، قوم ڪوڙي ۽ ملڪ دشمن جي ڳالهين ۾ نه اچي.

هوڏانهن ڪشمير بليڪ ڊي جي موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي سخت مذمت ڪيون ٿا. ڀارت ۽ مودي سرڪار کي سمجهڻ گهرجي ته 75 سالن جي سختين ۽ پابندين جي باوجود هو ڪشميرين جي جائز جدوجهد کي ختم ناهن ڪري سگهيا. آزادي ڪشميرين جي منزل آهي. صوبائي وزير چيو ته ڪشمير تي ڀارتي قبضو هاڻي وڌيڪ دير تائين نٿو هلي سگهي. ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري ڀائرن جي خواهشن جي مطابق حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت جي ضد جي ڪري ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ امن کي سنگين خطرا آهن. عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد ۾ انھن جي اخلاقي، سفارتي معاونت جاري رکنداسين. پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه ڪشمير جي مسئلي کي قومي ۽ بين الااقوامي سطح تي اجاگر ڪيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، صدر آصف علي زرداري ڪشمير مسئلي کي سفارتي محاذ تي ڀرپور طريقي سان کنيو آهي. ھن چيو ته پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي مشن ڪشمير کي مڪمل ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button