سنڌ

لمس اسپتال مان 18 ملازمن کي ڪڍيو ويو آهي:سنڌ صوفي سنگت

حيدرآباد ۾ سنڌ صوفي سنگت حيدرآباد جي اڳواڻ آڪاش ملاح پريس ڪلب ۾ وقار هيسباڻي، رضا راڄڙ، نور محمد پالاري ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لمس اسپتال ڄامشورو ۾ ملازمن 3 مهينن جي پگهار نه ملڻ ڪري احتجاج ڪيو هو، جنهن تي مڇرجي اسپتال جي ايڊمن ستار جتوئي، پيرا ميڊيڪل اي ايم ايس شوڪت لاکو ۽ اي ايم ايس غلام قادر دل 18 ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو، هن چيو ته بعد ۾ اسپتال ايڊمن ستار جتوئي معافي وٺرائي پنهنجا نوازي طور ڪجهه ملازمن کي بحال ڪيو، باقي ٻيا ملازم اڃا دربدر آهن، ملازمن جي پگهار 25 هزار رپيا آهي، جن کي رڳو اسپتال ۾ ويٺل بااثر 9 هزار رپيا پگهار ڏيندا هئا. هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملازمن کي 3 مهينن جي پگهار جاري ڪري نوڪرين تي بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button