سنڌ

ٽنڊو محمد خان ۾ ها اسڪول جي سوين شاگردن جو احتجاجي مظاهرو

ٽنڊو محمد خان ۾ گورنمينٽ ڪيمپس بوائز هاءِ اسڪول سومرا پاڙي جي سوين شاگردن عمارت جو ڪم مڪمل نه ڪرڻ خلاف حيدرآباد – بدين روڊ تي اسيمبلي ٺاهي انوکو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر سيد فخرالامين شاهه، پ ٽ الف اڳواڻ عارف قريشي، سول سوسائٽي جي عبدالحفيظ سٺيو ۽ ٻين چيو ته گورنمينٽ سومرا پاڙي اسڪول جو تعميراتي ڪم سازش تحت رولڙي جو شڪار ڪيو ويو آهي، ڪيترائي ڀيرا ٽينڊر جاري ٿيا آهن پر تعميراتي ڪم 15 سال گذرڻ باوجود مڪمل ناهي ٿي سگهيو. ايجوڪيشن ورڪس کاتو ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل آهي. سوين شاگرد کليل آسمان هيٺ سخت اس ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، جيڪڏهن ساڳئي صورتحال برقرار رهي ته سياري ۾ شاگردن جي تعليم جو سسلسلو بحال رکڻ ناممڪن بڻجي ويندو. هنن گهر ڪئي ته ٽنڊو محمد خان جي سومرا پاڙي بوائز ها اسڪول جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button