سنڌ

ٽنڊو ڄام ۾ واپاري کان 10 لک روپيا ڦر،ريلي ڪڍي ٿاڻي آڏو مظاهرو

ٽنڊو ڄام جي بازار ۾ ڏينهن ڏٺي 2 وڳي موٽرسائيڪل سوار 3 هٿياربند واپاري ايشور ديوان ۽ ان جي پٽن کي يرغمال بنائي 10 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي بعد سوين شهرين، واپارين ۽ دڪاندارن مالاڪنڊ چوڪ کان ريلي ڪڍي ٽنڊوڄام ٿاڻي آڏو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي واپارين دانهيو ته ڏيڍ مهيني کان شهر ۾ چوريون ۽ ڦر جون وارداتون معمول بنجي ويون آهن. پوليس صرف منٿليون وصول ڪرڻ ۾ مصروف آهي. ڪجھه وقت اڳ به ايشور ديوان جي ويجهي عزيز ۽ ڦٽين جي واپاري ونود ڪمار کان جمالي پمپ وٽان ڦورن 5 لک روپيا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو، جنهن جو پوليس اڃان تائين ڪو به سراغ نه لڳائي سگهي آهي. هڪ مهيني ۾ ٽنڊو ڄام شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان لڳ ڀڳ 40 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو ويو آهي، جنهن مان ڪنهن جي به ريڪوري نه ٿي سگهي آهي، پوليس خاموش تماشائي بنيل آهي. پوليس صرف ڪنهن موالي کي پڪڙي چالان ڪري ڇڏي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button