رانديون

ڏکڻ آفريڪي ٽيم ڀارت کان زور، پاڪستان جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان گهٽجي ويا

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ ڀارت کي پهرين شڪست اچي وئي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا 5 وڪيٽن تان شاندار ڪاميابي حاصل نه رڳو گروپ ۾ پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي پر پاڪستان جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان به گهٽجي ويا آهن. آسٽريليا جي شهر پرٿ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي گروپ مئچ ۾ ڀارتي ٽيم ٽاس کٽڻ بعد پهرين بئٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 133 رنسون ٺاهي سگهي. سوريا ڪمار يادو 68 رنسن سان نمايان رهيو، جڏهن ته ٻيو ڪو بئٽر وڏي اننگز نه کيڏي سگهيو. ڏکڻ آفريڪا طرفان لنگي نگيڊي 4، وائن پارنيل 3 ۽ نوڪيا هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا گهربل هدف ڊيوڊ ملر ۽ ايڊن مارڪرم جي ففٽين جي مدد سان 5 وڪيٽن جي نقصان تي آخري اوور ۾ پورو ڪري ورتو. گروپ 2 ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم 5 پوائنٽن سان ٽاپ پوزيشن تي اچي وئي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم 4 پوائنٽن سان ٻي، بنگلاديش 4 پوائنٽن سان ٽيون، زمبابوي 3 پوائنٽن سان چوٿين، پاڪستان 2 پوائنٽن سان پنجين ۽ نيڌرلينڊ جي ٽيم سڀئي مئچون هارائي آخري نمبر تي آهي. پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لا رهيل سڀني مئچن ۾ ڪاميابي گهربل آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا کي ڪنهن به هڪ مئچ ۾ شڪست اچڻ جو آسرو به رکڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button