پاڪستان

اسٽيبلشمينٽ نه عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ آيو هئس:عمران خان

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان نئين آرمي چيف جي مقرري بابت وزيراعظم شهباز شريف کي نالا موڪلڻ واري آڇ بابت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته شهباز شريف ٻڌي وٺي، آئون بوٽ پالش ڪندڙن سان نه ڳالهائيندو آهيان، مون ڪو پيغام ناهي موڪليو، مون انهن سان ڳالهه ڪئي آهي، جيڪي توهان کي اشارن تي هلائيندا آهن. لانگ مارچ جي ٽئين ڏينهن تي پنجاب جي شهر مريدڪي ۾ ڪنٽينر تي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته شهباز شريف هڪ بيان ڏنو ته مون کيس پيغام موڪليو آهي، شهباز شريف ٻڌي ڇڏ، مان بوٽ پالش ڪندڙن سان ناهيان ڳالهائيندو، مون انهن سان ڳالهه ڪئي، جن سان ملڻ لا شهباز شريف گاڏي جي ڊگي ۾ ويندو هو، شهباز شريف کي ڇو پيغام موڪليندس؟ هن وٽ ڪهڙو اختيار آهي ۽ هو ڇا ڪندو؟ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مان ڪنهن فوجي ڊڪٽيٽر جي نرسري ۾ نه پليو آهيان، آزاد ماڻهو آهيان، مري سگهان ٿو پر غلامي نٿو ڪري سگهان، مان نه ڪنهن جي پيرين پيو آهيان ۽ نه ئي ڪنهن کي منٿون ڪيون آهن، آئون تعميري تنقيد ڪندو آهيان پر پنهنجي فوج کي نقصان پهچائڻ نٿو چاهيان. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ فيصلو ڪري ورتو آهي ته اهي هنن چورن جو ساٿ ڏيندا پر معاف ڪجو! قوم ۽ اسان توهان سان گڏ نه آهيون، قوم هن حڪومت کي نٿي مڃي، اڄ ڏسو قوم ڪٿي بيٺي آهي، مان اسٽيبلشمينٽ سبب نه پر عوام جي طاقت سان چونڊجي آيو هيس، فوج به منهنجي آهي ۽ ملڪ به منهنجو آهي، اسان پنهنجي فوج سان گڏ بيٺا آهيون، ڀارت ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي، مان رڳو قانون جي حڪمراني، تڪڙي اليڪشن ۽ عوام جي حقن جو تحفظ چاهيان ٿو. پي ٽي آ سربراهه وڌيڪ چيو ته اڄ پاڪستان ۾ انسان نه پر جانورن جو نظام لاڳو آهي، جنهن معاشري ۾ انصاف نه هجي اهو جانورن جو معاشرو بڻجي ويندو آهي، شهباز شريف اربين رپيا لٽيا، راڻا ثنا الله 18 قتل ڪيا آهن، آصف زرداري هن ملڪ جي سڀ کان وڏي بيماري آهي ۽ اهي سڀ هن ملڪ جا جوابدار آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button