پاڪستان

عمران خان کي جنهن اداري پاليو،ان جي خلاف ئي زهر اوڳاڇي رهيو آهي: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان لاءِ پنهنجي ذات پاڪستان کان به وڌيڪ آهي، هو ان اداري خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي، جنهن کيس پاليو ۽ نپايو، ملڪ وڌيڪ نقصان برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، ڪنهن به غيرآئيني ۽ ملڪ دشمن سرگرمي جي هر گز اجازت نه ڏني ويندي. لاهور ۾ يوٽيوبرز سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سعودي عرب عمران خان کي وزيراعظم طور 14 يا 18 ڪروڙن جي گهڙي تحفي ۾ ڏني جيڪا هن کپائي پئسو پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو، عمران خان تحفا کپائي تحفا ڏيندڙ ملڪ جي سربراهه جي توهين ڪئي، هن تحفا توشا خاني ۾ جمع ڪرائڻ کان اڳ وڪرو ڪيا، سوکڙيون اڳ ۾ کپايون ويون ۽ پوءِ ان جو حصو توشا خاني ۾ جمع ڪرايو ويو، مون کي جيڪو تحفو مليو اهو عمران خان کي ملندڙ گهڙي کان به مهانگو آهي پر مون اهو توشا خاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. لانگ مارچ بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته عمران خان سان گڏ هن وقت ماڻهو هوندا ماڻهو ته هٽلر سان گڏ به هئا، هٽلر جرمني جي معيشت کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ ڪم ڪري ڏيکاريو پر پوءِ پنهنجي هٿن سان سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيائين، هٽلر ڪم ته ڪيو پر عمران خان چئن سالن ۾ ڪجهه نه ڪري سگهيو، هو جلسن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي نٿو ٻڌائي سگهي، هن ملڪ سان دوکو ڪيو. سندس موجب اداري سوچيو هوندو ته عمران خان کي سپورٽ ٿا ڪيون شايد ملڪ جي حالت بهتر ٿئي پر جنهن اداري عمران خان کي پاليو، هن ان خلاف ئي زهر اوڳاڇڻ شروع ڪري ڇڏيو، ڏانئڻ به ٽي گهر ڇڏي حملو ڪندي آهي پر عمران نيازي پاڪ فوج تي حملا ڪيا، عمران خان پاڪ فوج جي جوانن ۽ شهيدن کي به نه ڇڏيو، مان سمجان ٿو ته جيڪو وطن جو ناهي اهو ڪنهن جو ناهي. شهباز شريف چيو ته علي امين گنڊاپور جي آڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ ڪو چريو ئي هوندو جيڪو چوندو ته لانگ مارچ خوني ناهي، عمران خان لاءِ پنهنجي ذات ملڪ کان مٿي آهي، ڇو ته هو پاڻ کي سڀ ڪجهه سمجهي ٿو، عمران خان ناپاڪ مقصد لاءِ لانگ مارچ ڪيو، ٻڌايو وڃي ته خوني مارچ سان ڪنهن کي فائدو ٿيندو، ملڪ کي قائداعظم جو پاڪستان بڻائڻ لاءِ ڏڦيڙ واري سياست جو خاتمو آڻڻو پوندو، ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام هوندو ته پاڪستان پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button