پاڪستان

لانگ مارچ عورت رپورٽر کان حياتي کسي ورتي، ڪنٽينر هيٺان چيڀاٽجي فوت

پنجاب جي شهر ساڌوڪي ۾ خانگي ٽي وي چئنل جي عورت رپورٽر صدف نعيم تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ جي ڪوريج دوران ڪنٽينر هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، اهڙو افسوسناڪ واقعو پيش اچڻ تي عمران خان لانگ مارچ کي انهي جا تي روڪي ڇڏيو. مليل ڄاڻ موجب ساڌوڪي ڀرسان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران هڪ عورت صحافي کي ان ڪنٽينر چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن تي عمران خان سان گڏوگڏ تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت سوار هئي. ريسڪيو ذريعن موجب 35 ورهين جي جرنلسٽ صدف نعيم جو تعلق خانگي ٽي وي چينل-5 سان هو، جنهن جي لاش کي ڪامونڪي جي تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو. لانگ مارچ جي ڪوريج ڪندڙ صحافين ٻڌايو ته عورت رپورٽر صدف نعيم پي ٽي آ چيئرمين عمران خان جو انٽرويو ڪرڻ جي ارادي سان ڪنٽينر تي چڙهڻ پئي چاهيو، ان دوران پٽ تي ڪري ۽ ٽرڪ جي ٽائرن هيٺان اچي چيڀاٽجي وئي، ريسڪيو ترجمان موجب عورت رپورٽر هڪ ڪنٽينر تان لهندي هيٺ ڪِري ۽ عمران خان جي ڪنٽينر هيٺان اچي وئي. حادثي بعد عمران خان جي ڪنٽينر کي جي ٽي روڊ تي روڪيو ويو ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين پاڻ به ڪنٽينر تان هيٺ لهي آيو ۽ لانگ مارچ کي پڻ روڪي ڇڏيو. عمران خان چيو ته بدقسمتي سان هي حادثو پيش آيو آهي، اسان کي ڪامونڪي وڃڻو هو پر مارچ کي هتي ئي روڪيو آهي، سومر کان هتان مارچ ٻيهر شروع ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button