رانديون

افغانستان کي شڪست، ڀارت به گهر ڀيڙو، نيوزيلينڊ سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

ابوظهبي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي ٽيم گروپ 2 جي اهم ميچ ۾ افغانستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته ڀارت ۽ افغانستان جون ٽيمون ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون آهن. ابوظهبي ۾ افغانستان طرفان مليل 125 رنسن جو هدف نيوزيلينڊ 18 ڏهائي هڪ اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.ان کان اڳ ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي افغانستان جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهي سگهي افغانستان جي شڪست سبب ڀارت به ٽورنامينٽ مان آئوٽ ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button