سنڌ

سنڌڙي ۾ هٿياربندن جو حملو، 2 زخمي، ڪرين ذريعي موري ڀڃي ڇڏي

سنڌڙي ويجهو ڳوٺ کيتو ڀيو ۾ ھٿياربندن جو حملو، پوليس جي موجودگي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿيا، ڳوٺاڻن سنڌڙي شادي پلي روڊ تي احتجاج ڪري باھيون ڏنيون. خبر موجب سنڌڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ کيتو ڀيو تي پاڻي جي تڪرار تان ھٿياربندن حملو ڪري ڏنو، ڳوٺ ڏانھن ايندڙ روڊ جي موري ڪرين ذريعي ٽوڙي ڇڏي، اھڙو اطلاع ڳوٺاڻن پوليس کي ڏنو ته پوليس جي موجودگي ۾ ھٿياربندن حملو ڪري ڏنو، جنھن سبب مشتاق ۽ علي نواز ڀيو زخمي ٿي پيا، ان موقعي تي يار محمد ڀيو، عالم ڀيو، علي نواز ڀيو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن سنڌڙي شادي ڀلي روڊ تي ڍينگھر ساڙي احتجاج ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ ڏانھن ويندڙ سرڪاري روڊ جي موري ڪرين ذريعي ٽوڙي سرڪار جو ڪروڙين رپين جو نقصان ڪيو ويو ۽ ڳوٺ ڏانھن اچ وڃ جا رستا بند آھن، موري ٽوڙڻ جو اطلاع سنڌڙي پوليس کي ڏنو ته ھٿياربندن پوليس جي موجودگي ۾ مشتاق ۽ علي نواز ڀيو کي زخمي ڪري ويا، پوليس خاموش تماشي بڻيل رھي.

ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل شريف رند چيو ته ڀيا ڌر جا ماڻهو اسانجو پاڻي زبردستي کولين ٿا، جنھن جي منع تي ھنن ڇوڪري تي تشدد ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button