سنڌ

ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ قمبر جي ڳوٺ ماڻڪ کهاوڙ جي رهواسين ڪراچي جي ملير واري علائقي مان ڪجھه ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان محمد پناهه عرف بابو کهاوڙ جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي والد پوليس هيڊڪانسٽيبل حاجي زاهد کهاوڙ مائٽن امتياز کهاوڙ، مرتضيٰ کهاوڙ، لياقت علي، غلام حسين، رستم کهاوڙ ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته پوليس کاتي ۾ نوڪري سان گڏ گڊس ٽراسپورٽ جو ڪاروبار ڪندو آهيان، 2 نومبر تي منهنجو پٽ محمد پناهه عرف بابو کهاوڙ ٽرڪ تي سامان کڻائي ڪراچي ويو، جتي ملير جي گهگهر ڦاٽڪ وٽ سامان لاهي گمبٽ لاءِ گڊس جو سامان لوڊ ڪرائي رات جي وقت ٽرڪ مٿان ستل هو ته سول ڪپڙن ۾ ٻن پوليس موبائيلن ۽ هڪ ڪار ۾ سوار نامعلوم ماڻهن کيس اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو اطلاع اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ڏيڻ سان گڏ ايس ايس پي ملير کي ڏنو آهي، اسان ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ٿاڻن سميت هر هنڌ ڳولا ڪئي پر پٽ بابت ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، اغوا ٿيل پٽ انٽر جو شاگرد آهي، جنهن مٿان ڪٿي ڪو ڪيس وغير داخل ناهي، خبر ناهي ته هن کي ڪير اغوا ڪري ويو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button