سنڌ

پيرجوڳوٺ ويجهو نينگر 5 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ

پيرجوڳوٺ جي ڪچي جي ڳوٺ محمد يوسف ناريجو مان 5 ڏينهن اڳ نينگر محبوب علي پٽ وزير علي ناريجو پراسرار نموني گم ٿي ويو، سندس وارثن پاران گھڻي ڳولا باوجود هٿ اچي نه سگھيو آهي. نينگر جي چاچي ممتاز علي ناريجو صحافين کي ٻڌايو ته 5 ڏينهن اڳ سندس ڀائيٽيو محبوب علي گھر کان ٻاهران مال چاريندي پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن جي گھڻي ڳولا ڪئي پر هو هٿ اچي ناهي سگھيو، نينگر جي گم ٿيڻ جي رپورٽ لا برادي جتوئي ٿاڻي تي وياسين پر پوليس فيض محمد ٻنڊو جي حد ڄاڻائي واپس موڪليو، فيض محمد ٻنڊو پوليس وري برادي جتوئي جي حد ڄاڻائي واپس ڪيو. هن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته نينگر محبوب ناريجو کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي يا قتل ڪيو ويو آهي، نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button