
نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري تي ڪراچي پهچي وئي آهي، جتي سندن آجيان اجرڪ پاران ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪپتان ڪين وليمسن جي اڳواڻي ۾ ٽيم آڪلينڊ کان دبئي رستي 17 ڪلاڪن جو ڊگهو سگر ڪرڻ بعد ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتي، جنهن بعد کين سخت سيڪيورٽي ۾ هوٽل بھ منتقل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن ڪراچي پهچڻ تي پي سي بي ۽ مقامي اختيارين آجيان ڪندي مهمان رانديگرن کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ اوڍايو. ياد رهي تھ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ 26 ڊسمبر تي پهرين ٽيسٽ کيڏي ويندي. جڏهن تھ ڪراچي ٽيسٽ جي ميچ آفيشلز جي نالن جو اعلان ٿي ويو، جن ۾ عليم ڊار، راشد رياض ۽ ٻيا شامل آهن.