رانديون

پاڪستان جونيئر ليگ جي تڏا ويڙهه، پي سي بي ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ کي بحال ڪري ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ نجم سيٺي جي سربراهي ۾ آيل نئين انتظاميا وزيراعظم جي هدايت تي ريجنل، ڊسٽرڪٽ ۽ ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ کي بحال ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اڳوڻي چيئرمين رميز راجا طرفان شروع ڪرايل پاڪستان جونيئر ليگ کي ختم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي. پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو اجلاس نجم سيٺي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان جونيئر ليگ جو ٻيو سيزن نه ڪرايو ويندو، جڏهن ڊپارٽمينٽل، ريجنل ۽ ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ بحال ڪري رهيا آهيون. نجم سيٺي چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ ۾ وڌيڪ پگهارون کڻندڙن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جيڪي برقرار رهڻ چاهين ٿا، اسان انهن جون پگهارون گهٽائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button