پاڪستانسنڌ

معاشي چئلينج ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لا قومي اتفاق راءِ ضروري آهي:آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان انتهائي نازڪ موڙ تان گذري رهيو آهي، معيشت ۽ دهشتگردي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير پاڪستان نيول اڪيڊمي ڪراچي پهچي مختلف ڪورسن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف ڪيڊٽس کي ملڪ جي سامونڊي سرحدن جو محافظ بڻجڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته ٽيڪنالاجي جي ترقي سبب سامونڊي شعبو مسلسل تبديل ٿي رهيو آهي، ميري ٽائيم ڊومين مسلسل تبديل ٿي رهيو آهي، فقط اهي ئي سامونڊي فوجون حاوي ٿينديون جيڪي جنگ جي جديد رجحانن کان هم آهنگ هونديون، مستقبل ۾ نيوي جو ڪردار انتهائي اهميت جوڳو هوندو. آ ايس پي آر مطابق آرمي چيف بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيڊٽس ۾ انعام ورهايا. بعد ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير ملير گيريزن جو به دورو ڪيو ۽ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button