اسلام آبادپاڪستان

عدالت جو حڪم نظرانداز،اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون نه ٿيون،حڪومت انٽرا ڪورٽ اپيل ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود وفاقي راڄڌاني واري شهر ۾ مڪاني چونڊون نه ٿي سگهيون، وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن عدالتي فيصلي کي چئلينج ڪندي انٽرا ڪورٽ اپيلون داخل ڪري ڇڏيون آهن. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان اليڪشن ڪميشن کي ڇنڇر 31 ڊسمبر تي وفاقي راڄڌاني ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو پر اليڪشن ڪميشن گذريل رات گهٽ وقت ۾ چونڊون ڪرائڻ کان انڪار ڪندي چيو هو ته عملو موڪلن تي ويل آهي جڏهن ته حڪومت به سيڪيورٽي ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. هوڏانهن وفاقي سرڪار به اسلام آباد ۾ چونڊون ڪرائڻ واري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي. وفاقي حڪومت به مڪاني چونڊن لاءِ سيڪيورٽي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ کان معذرت ڪئي. وفاقي سرڪار پاران ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرائي، اپيل ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جو چونڊون ڪرائڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ساڳئي ڏينهن تي شنوائي ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن جي اپيل ۾ چيو ويو آهي ته ايتري مختصر وقت ۾ چونڊون ڪرائڻ ممڪن نه آهي، پرزائيڊنگ آفيسرز ۽ پولنگ عملي جو انتظام نه ٿو ڪري سگهجي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي رجسٽرار آفيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اعتراض واري ڇڏيو. رجسٽرار آفيس طرفان اعتراض ۾ چيو ويو ته انٽرا ڪورٽ اپيل سان گڏ پيش ڪيل دستاويز اڻپورا آهن، اليڪشن ڪميشن جي قانوني ٽيم رجسٽرار آفيس جي اعتراضن تي جواب ڏئي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button