اسلام آبادپاڪستان

عوام کي نئين سال ۾ ڪو رليف نه مليو، پيٽرول جا اگهه برقرار رکڻ جو اعلان

عوام کي نئين سال ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ جي خوشخبري ۽ ڪو رليف نه مليو، وفاقي حڪومت 15 جنوري تائين پيٽروليم اسمن جا اگهه برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم اگهن ۾ واڌ ٿي آهي، اوگرا قيمتن ۾ واڌ ڪرڻ جي سمري اماڻي هئي پر وزيراعظم جي هدايت تي ايندڙ 15 ڏينهن لا اگهه برقرار رکيا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته 15 جنوري تائين پيٽرول جي قيمت 214 رپيا 80 پئسا، ڊيزل 228 رپيا 80 پئسا ۽ گاسليٽ جي قيمت 171 رپيا 83 پئسا في ليٽر برقرار رهندي. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي هدايت ۽ موسم جي شدت کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت پيٽروليم مصنوعات تي ليويز جو بار کڻڻ جي صورت ۾ قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، لائيٽ ڊيزل آبادگار استعمال ڪندا آهن اهڙي طرح گاسليٽ گهٽ آمدني وارا ماڻهو استعمال ڪندا آهن ان لاءِ انهن ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ياد رهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ گذريل 15 ڏينهن جي ڀيٽ ۾ قيمتن ۾ 3 ڊالر في بيرل تائين اضافو ٿيو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون 77 ڊالر کان وڌي 80 ڊالر في بيرل تائين پهتيون آهن. پاڪستان ۾ هن وقت پيٽرول جي ريفائنري قيمت 149 رپيا في ليٽر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button