پاڪستانعالمي

ماضي جي حڪومت احتساب جي نالي تي ظلم ۽ زيادتي ڪئي،جانثارن کي وساري نٿو سگهان:نواز شريف

مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف قوم کي نئين سال جون واڌايون ڏيندي چيو آهي ته ماضي جي حڪومت احتساب جي نالي تي ڏاڍ ۽ زيادتي ڪئي، ظلم جو سج لهي چڪو، تمام جلد پنهنجي ملڪ جي عوام سان گڏجي خوشي جا ڏينهن ٻيهر ملهائيندس. لنڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي صدر سينيٽر ڪامران مائيڪل پاران ڪرسمس جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نواز شريف ڪيڪ ڪاٽڻ بعد مسيحي برادري ۽ پوري قوم کي نئين سال جون مبارڪون ڏنيون. تقريب ۾ نواز ليگ جي ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني، عرفان مائيڪل، اقبال سنڌو ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا. نواز شريف چيو ته نئون سال نئين اميد ۽ نئون صبح کڻي آيو آهي، شل پاڪستان ترقي، امن ۽ استحڪام جون منزلون ماڻي. هن چيو ته منهنجي دل پنهنجي ملڪ جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي، ڪڏهن به ڪو ڏينهن وساري نٿو سگهان، جلد ئي قوم سان گڏجي خوشين جا ڏينهن ٻيهر ملهائينداسين، ماضي جي حڪومت احتساب جي نالي تي ظلم ۽ زيادتي ڪئي، ظلم واري شام گذري وئي هاڻ تمام جلد سوجهرو ٿيندو، مان انهن جانثارن کي به وساري نه ٿو سگهان جن سان ڏکئي وقت ۾ زيادتيون ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button