اسلام آبادپاڪستان

عمران صاحب! اوهان اقتدار ۾ هوندي مڪاني چونڊون ڇو روڪيون؟ مريم اورنگزيب

سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عمران صاحب، توهان اقتدار ۾ هوندي مڪاني چونڊون ڇو روڪيون، پرڏيهي ايجنٽ کي ان ڳالهه جو افسوس آهي ته ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي ڪمٽمينٽ پوري ناهي ٿي، فارين ايجنٽ ۽ توشاخاني جو چور چونڊن کان ڀڄي رهيو آهي. عمران خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل ظاهر ڪندي هن چيو ته اسان بي اعتمادي واري ووٽ جو حق استعمال ڪري پرڏيهي ايجنٽ کي پارليامينٽ مان ٻاهر اڇلايو هو. تحريڪ انصاف ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون ڪرائڻ جي ڪمٽمينٽ ڪئي هئي ان جو ڇا ٿيو؟ هنن ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏيڻ جي ڪمٽمينٽ ڪئي هئي، ان جو ڇا ٿيو؟ اوهان رڳو ڦرلٽ، ڪوڙ ۽ فراڊ سان ڪميٽيڊ هئا ۽ آهيو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اوهان جي ڪمٽمينٽ فقط پرڏيهي فنڊنگ وٺڻ، توشا خاني جي چوري، ملڪ جي معيشت کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي هئي، اوهان جي ڪمٽمينٽ صرف پاڪستان تي تاريخي قرضن جو بار آڻڻ، عوام کي مهانگائي ۾ غرق ڪرڻ، ڪشمير جو سودو ۽ قومي مفاد وڪرو ڪرڻ جي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button