پاڪستانپنجاب

ثابت ٿي ويو ته اليڪشن ڪميشن امپورٽيڊ حڪومت جي بي ٽيم آهي:عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن امپورٽيڊ حڪومت ۽ سهولتڪارن سان مليل آهي، اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرايون ويون، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪري اليڪشن ڪميشن هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته هو امپورٽڊ حڪومت جي بي ٽيم آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سخت تنقيد ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته اها امپورٽيڊ حڪومت ۽ سهولتڪارن سان مليل آهي، پي ڊي ايم عوام ۽ شڪست جي ڊپ کان اليڪشن کان ڀڄي رهي آهي، ووٽ هڪ بنيادي جمهوري حق آهي، اسان پنهنجي موقف تي قائم ۽ پرعزم آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button