اسلام آبادپاڪستان

2023ع دهشتگردي ۽ مهانگائي مان نجات جو سال ثابت ٿيندو:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته نئون سال 2023ع پاڪستان لا دهشتگردي ۽ مهانگائي مان نجات جو سال ثابت ٿيندو. وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ قوم کي نئين سال جون مبارڪون ڏيندي دعا ڪئي ته سال 2023ع ۾ پاڪستان کي معاشي توڙي سياسي استحڪام ۽ سماجي بهتري جي منزل ڏانهن وٺي وينداسين. شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ هن نئين سال 2023ع کي انسان ذات جي ڀلائي، امن ۽ خوشحالي جو سال بڻائي، اسان 3 ڪروڙ 30 لک ٻوڏ متاثرن جي زندگين ۾ ٻيهر سوجهرو آڻڻ لا ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button