پاڪستانسنڌ

جماعت اسلامي جي چونڊ مهم شروع، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي:سراج الحق

ٺٽو: جماعت اسلامي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي مھم ٺٽي کان شروع ڪري ڇڏي، امير جماعت پاڪستان سراج الحق ٺٽي پھتو، پريس ڪلب سامھون گرائونڊ تي جماعت اسلامي جو شاندار سياسي جلسو ٿيو، جنهن ۾ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ٺٽي بابت ڪتابن ۾ پڙھيو آھي، ڌرتي جي تاريخ ۾ ھي شھر علم، ادب، ثقافت، تھذيب ۽ دانشورن جو شھر رھيو، پر افسوس 40 سالن کان پ پ مسلط آھي، اڄ ٺٽو منشيات جو ڳڙھه بڻيل آھي. ھو صرف ووٽن جي سياست ڪن ٿا، ھنن کي اقتدار گهرجي، ٻوڏ ۾ ڪروڙين ماڻھو متاثر ٿيا، پر ڪيترائي مھينا گذري ويا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ھڪ به گھر متاثرن لاءِ نه ٺاھيو. ٻاھر جي ملڪن کان ڪيترا پئسا آيا، جيڪي اهي ڪرپشن ڪري کائي ويا، پ پ ۽ بلاول ڀٽو کان پڇڻ چاھيان ٿو ته ھي پئسو ڪيڏانھن ويو. مھانگائي ۽ بيروزگاري خلاف پ پ ڪراچي کان اسلام آباد تائين مارچ ڪيو، پر اڄ مرڪز ۽ سنڌ ۾ حڪومت به ھنن جي آھي، آبادگارن وٽ ٻج، ڀاڻ ناھي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آھي، ماڻھو غير محفوظ آھن، پر پوليس وڏيرن، وزيرن ۽ مشيرن جي پروٽوڪول ۾ مصروف آھي. پوليس بيوس ۽ عوام لاوارث آھي، جماعت اسلامي ماڻھن کي اڪيلو نه ڇڏيندي. ٻوڏ ۾ پ پ مسلم ليگ نظر نه آئي، پر عوام سان جماعت اسلامي گڏ ھئي، سنڌ جي ماڻھن کي ٽينٽ نه پيا ملن، پر جيڪا سنڌ جي نالي تي امداد آئي، اھا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي طبيلن ۾ پيل آھي. آئون انڪري آيو آھيان ته اسان سان گڏجي ظلم خلاف ساٿ ڏيو، جھاد ڪيون، آئون غربت مان گذري آيو آھيان، ان ڪري غريبن جي ھر مسئلي کان واقف آھيان. جلسي عام کي معراج الھديٰ صديقي ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسن محنتي خطاب ڪندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ ناانصافي آھي، اسپتالن ۾ دوائون ناھن، حڪومت قانون تي عمل نٿي ڪرائي، عدالتن ۾ انصاف ناھي، بدمعاشن کي ڇوٽ مليل آھي، اسڪولن ۾ سھولتون ناھن. جماعت اسلامي حق ۽ انصاف جي ڳالھه ڪري ٿي، بلدياتي اليڪشن ۾ اسان جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو. جلسي عام کي امتياز پالاري، پير غلام محي الدين مجددي، الطاف ملاح، آدم گندرو، عبداللہ گندرو، مجيد سمون، شفيع سمون ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button