پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ ڌارين ۽ جاگيرداري نظام خلاف عوامي تحريڪ جي ريلي

مقصودو رند: مقصودو رند ۾ سنڌي ھاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن “جاگيرداري نظام ختم ڪيو ۽ ڌارين کي نيڪالي ڏئي سنڌ جون زمينون ھارين کي ڏيو” جي عنوان سان احتجاجي ريلي ڪڍي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، عوامي تحريڪ جي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، علي نواز ڏاھري، راڻو ڪنڊاڻي، محمد علي شاهه، علي نواز عالماڻي، حاجن ڀنڊ، ذوالفقار علي رند، فتح محمد ڏاھري، يوسف ڏاھري، عالم لغاري، سارنگ راجا، ڀگت پھلاج ۽ ٻين ڪئي، احتجاج دوران ڪارڪنن نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته نوان صوبا ڪميٽي ملڪ ٽوڙڻ جي سازش آهي، جنهن کي سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آهي، هي ڪميٽي ختم ڪئي وڃي. سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن جي نيلامي لا اسلام آباد ۾ منڊي لڳائڻ لا وفاقي حڪومت کي اجازت ڏيڻ جي قرارداد پاس ڪرڻ جو سنڌ اسيمبلي کي اختيار ئي ناهي، ان ڪري سنڌ اسيمبلي طرفان سنڌ صوبي جا ايگزيڪيوٽو پاور (انتظامي اختيار) وفاق حوالي ڪرڻ واري پاس ڪيل قرراداد فورن واپس ورتي وڃي ۽ اسلام آباد ۾ سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي نيلامي لا لڳل منڊي بند ڪئي وڃي. هن چيو ته اٽي کي هٿ وٺي مهانگو ڪيو ويو آهي، هارين کان 2000 رپيا مڻ کان به گهٽ اگهه تي ڪڻڪ وٺندڙ سرمائيدار 5000 رپيا في مڻ وڪڻي رهيا آهن، سنڌ حڪومت اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو آهي، جنهن ڪري ان اپائيندڙ هارين جا ٻار بکن تي آهن. عوامي تحريڪ ۽ سنڌي تحريڪ جو مطالبو آهي ته سرڪاري گدامن مان ڪڻڪ گم ڪندڙ ڪامورن خلاف عدالتي ڪميشن جوڙي کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ هارين کان جيتري اگهه ۾ ڪڻڪ خريد ڪئي وڃي ٿي، کين اوتري اگهه ۾ ئي اٽو ڏنو وڃي. هن چيو ته ديا ڀيل جي قتل جي جيتري مذمت ڪجي، اها گهٽ آهي، سنڌ ايپڪس ڪميٽي قبائلي سردارن کي جرڳا ڪرڻ جا اختيار ڏئي جاگيرداري نظام کي قبر مان ڪڍيو آهي. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته خالي پيل سرڪاري زمينون ڪشميرين ۽ ٻين پرڏيهين بدران سنڌ جي بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن. هن چيو ته 3 سئو رپيا ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدور ڏيڍ سئو رپيا ڪلو اٽو خريد نٿو ڪري سگهي. هن مطالبو ڪيو ته جاگيرون ٽوڙي زمينون هارين ۾ ورهايون وڃن ۽ اٽو سستو ڪيو وڃي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند چيو ته سنڌ جا قديمي ڳوٺ ڊاهي، سنڌ جون زمينون پرڏيهين حوالي ڪيون پيون وڃن. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي زمينن تان قبضا ختم ڪري غيرقانوني طور سنڌ ۾ رهندڙ پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button