پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ 2012ع جي استادن جو صوبائي صلاحڪار جي گهر اڳيان احتجاج

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ گورنمينٽ ٽيچرز ايسوسيئيشن (گسٽا) سنڌ 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن کي بيروزگار ڪري گهر موڪلڻ ۽ امڪاني طور پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪرڻ واري عمل خلاف متاثر استادن وڏي وزير جي حيدرآباد بابت صوبائي صلاحڪار صغير قريشي جي گهر سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اعجاز کوسو، نجيب ابڙو، علي گل ابڙو، احمد مصطفيٰ گهلو، سعد پنهور ۽ ٻين چيو ته اسان کي صوبائي صلاحڪار يقين ڏياريو هو ته 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن کان جاچ ڪرڻ وارو عمل بند ڪيو ويندو ۽ استادن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ويندي، پر تازو جاچ ڪميٽي 327 استادن کي نااهل قرار ڏئي رپورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري تعليم سنڌ کي اماڻي ڇڏي آهي. هنن چيو ته 2012ع ۾ ميرٽ تي استاد ڀرتي ڪيا ويا هئا ۽ ان وقت سنڌ ۾ به پ پ جي سرڪار هئي. هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته استادن کي جعلي رپورٽ جي آڙ ۾ برطرف ڪري پئسن عيوض نيون ڀرتيون ڪيون وينديون. هنن چيو ته جاچ ڪميٽي جي رپورٽ خلاف اڄ احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو، احتجاج دوران اسان کي آخري حد تائين به وڃڻو پيو ته وينداسين، جنهن جي ذميواري صوبائي وزير تعليم ۽ سنڌ حڪومت مٿان هوندي. ڌرڻي دوران صوبائي صلاحڪار صغير قريشي استادن سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻن ڳالهيون ڪري انصاف ڏيارڻ جي پڻ يقين ڌياني ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button