پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ اٽو مهانگو وڪرو ٿيڻ خلاف پورهيتن جو مظاهرو

سامارو: سامارو ۾ اٽي چڪي مالڪن، دڪاندارن ۽ واپارين ھڪ ھٽي قائم ڪري اٽي جو اگهھ چوٽ چاڙھي ڇڏيو. في ڪلو 120 کان 130 رپيا ۽ في مڻ 4800 کان 4900 بليڪ تي اٽو وڪرو ٿيڻ لڳو. سامارو ۽ سامارو روڊ سميت تعلقي جي ننڍن وڏن اسٽاپن صالح ڀنڀرو، حنيف آباد، راھو آباد ۽ چيما فارم سميت ٻين علائقن ۾ دڪاندارن، واپارين، چڪي ۽ فلور ملز مالڪن اٽي جي اگهه ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب پورهيت ۽ مزدور آزار ۾ اچي ويا آهن، اهڙي صورتحال باوجود خوراڪ کاتي جا عملدار ۽ ضلعي انتظاميا خاموش آهي. اٽي جي ڳاٽي ٽوڙ اگھن خلاف پورھيتن ۽ مزدورن شوڪت خاصخيلي، ميرڻ کوسو، عباس ڀنڊ، علي بخش، وجئي مالھي، باغي ڀوتراڻي ۽ ٻين منهن ۾ گاهه وجھي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. هنن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ھر سال جي ڊسمبر کان اپريل تائين شھر سميت تعلقي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ چڪي، فلور ملز مالڪ، دڪاندار ۽ واپاري ھڪ ھٽ قائم ڪري اٽو بليڪ تي وڪرو ڪري ٻيڻو منافعو ڪمائين ٿا. چئن مھينن کان تعلقي ۾ اٽو 3 ھزار رپيا في مڻ وڪرو ٿيندو رھيو، پر تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي. ھن وقت ويتر اٽي جا اگھه چوٽ چڙھيل آھن. اٽو في ڪلو 130 رپيا ۽ في مڻ 4900 سئو تائين وڪرو ٿئي پيو، شڪايتن تي 3 ڏينھن اڳ اي سي چڪي مالڪن ۽ فلور ملز مالڪن توڙي دڪاندارن خلاف ثابتين سان ڇاپا ھڻي ڏنڊ لڳائي ٻيھر سرڪاري اگھه کان مٿي اٽو وڪرو ڪرڻ تي چڪيون ۽ فلور ملز سيل ڪرڻ جي وارننگ ڏني هئي، جنهن بعد اٽي مافيا مڇرجي اٽو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آھي. هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته چڪي ۽ فلور ملز مالڪن سميت واپارين توڙي دڪاندارن خلاف قدم کڻي اٽو سستو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button