پاڪستانسنڌ

عمرساند ۾ اغوا ڄاڻايل عورت ۽ ٻن ٻارن جي بازيابي لا احتجاج

عثمان شاھه ھڙي: عمرساند ٿاڻي جي حد ٽنڊو سومرو ٻاهران ڀيل ڪالوني مان اغوا ڄاڻايل ٽن ٻارڙن جي ما ستڀرائي ڀيل ۽ ٻن ٻارن جي بازيابي لا عورت جي مڙس ڀليو ڀيل ۽ ڏيرن عمر ساند ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو. هنن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ناري ستڀرائي ۽ سندس ٻن ٻارڙن کي بااثر گوريو باگڙي اغوا ڪري ويو آھي، مسلسل هفتي کان عمر ساند ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي رهيا آھيون، پر پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري، نه ئي ناري جي ڳولا ڪري پئي. هنن ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ناري ۽ ٻن ٻارن کي اغو ڪندڙ گوريو باگڙي کي گرفتار ڪري ناري ۽ ٻارڙن کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي عمر ساند پوليس ٻڌايو ته ناري جي اغوا جي اين سي داخل ڪئي آھي، جلد ناري کي بازياب ڪري اصل حقيقت ميڊيا سامهون آندي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button