پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار جا 55 پورهيت پنجاب ۾ واپاري وٽ يرغمال، وارثن جو احتجاج

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار لڳ نندو موري جي رهواسي ماڇي برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 55 ماڻهن کي پنجاب ۾ واپاري پاران يرغمال بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. يرغمال بڻايل ماڻهن جي وارث عورتن ۽ مردن پورهيتن جي بازيابي لا پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي پيربخش ماڇي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي الزام هڻندي چيو ته ٽنڊوالهيار شهر جي نصرپور روڊ واسي غلام حسين منهنجي ڀا ۽ سئوٽن جي گهرڀاتين کي ڪمائڻ لا پنجاب وٺي ويو، جتي غلام حسين آرائين پنجاب جي واپاري کان 10 لک رپيا وٺي گهرڀاتين کي وڪرو ڪري ڇڏيو، پنجابي واپاري اسان جي ڀائرن، عورتن ۽ معصوم ٻارن کي هٿيارن جي زور تي تشدد ڪري پورهيو ڪرائي رهيا آهن، پنجاب ۾ گهرڀاتي وڏي تڪليف ۾ آهن. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي ماڻهن کي پنجابي واپاري کان آزاد ڪرائي ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button