پاڪستانسنڌ

ڪڙيوگهنور ويجهو بااثر جي فائرنگ ۾ پورهيت قتل

ڪڙيوگهنور/پيرو لاشاري: پيرولاشاري ويجهو ڳوٺ صديق ملاح ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، گولي لڳڻ سبب ڳوٺاڻو قتل. تفصيل موجب پيرولاشاري ڳوٺ صديق ملاح ۾ بااثر معمولي ڳالهھ تان فائرنگ ڪري 45 سالن جي پورهيت حاجي ملاح کي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد زخمي کي بدين انڊس اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪڙيو گهنور پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان وٽ فريادي ڌر مان ڪوبه پهتو ناهي، جئين وارث ايندا ته قتل ڪيس داخل ڪيو ويندو. جڏهن ته لاش جو تعلقه اسپتال گولاڙچي مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي طرف لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ٻي طرف وارثن چيو ته بااثر گولي هڻي حاجي ملاح کي قتل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button