پاڪستانسنڌ

سدائين مظلومن جو آواز بلند ڪيو آهي: غلام مرتضيٰ خاصخيلي

نوابشاهه: نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ جانب خاصخيلي ۾ راڄوڻي اتحاد جو ورڪر ڪنوينشن ٿي گذريو. ڪنوينشن ۾ پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جي سرواڻ چيف سردار غلام مرتضيٰ خان خاصخيلي خصوصي شرڪت ڪئي. ڪنوينشن کي صدارتي خطاب ڪندي چيف سردار غلام مرتضيٰ خان خاصخيلي چيو ته اسان سدائين مظلومن جو آواز بلند ڪيو آھي، جيڪو ڪندا رھنداسين، اسان جي قبيلي کي لاواث نه سمجھو وڃي. هن چيو ته خاصخيلي قبيلي جي هڪ تاريخ آھي، پاڪستان جي ڪيترن شھرن توڙي ٻھراڙين ۾ لکين ووٽر آباد آھن، ڏٺو وڃي ته اڪثريت خاصخيلي قبيلي جي آهي، پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد صرف خاصخيلين جو اتحاد نه آھي، ھي اتحاد ھر مظلوم راڄن جو آھي، پنھنجن ٻارن کي تعليم جھڙي زيور سان سينڱاريو، ڇو جو تعليم ھڪ اھا شي آھي جيڪا اوھان جا اوڌورا خواب سچ ڪري ڏيکاريندي. ڪنويشن ۾ مسڪين وارث خاصخيلي، لالا ارشد خاصخيلي، ايڊووڪيٽ مشتاق خاصخيلي، ڊويزنل صدر عبدالحڪيم خاصخيلي، ڏاڏو الله رکيو خاصخيلي، گلبھار خاصخيلي، شوڪت خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button