اسلام آبادپاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ 15 جنوري تي ئي مڪاني چونڊون ٿينديون: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته شهر قائد ڪراچي جو عوام چونڊن جي بار بار ملتوي ٿيڻ سبب پريشان آهي پر هاڻي سندن انتظار ختم ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ 15 جنوري 2023 تي ئي مڪاني چونڊون ٿينديون. پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته مان ڪراچي جي عوام سان نئون سال ملهائڻ چاهيان ٿو، اميد آهي ته سڄو شهر ٻاهر نڪري نئون سال ملهائيندو. ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته گذريل سال پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو، اها ڪارڪنن جي فتح آهي ته هنن جمهوري طريقي سان ڪٺ پتلي حڪومت کي هٽايو. بلاول ڀٽو چيو ته مان وڏي وزير کي چوان ٿو ته سمورين سازشن کي ناڪام بڻايو وڃي ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن ڇو ته هاڻي عوام پنهنجن مسئلن ۽ مقامي نمائندگي نه هجڻ سبب پريشان آهي. چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته ڪراچي جي عوام ڏٺو ته اسان جو جڏهن ايڊمنسٽريٽر هو ته شهر ۾ تيزي سان ڪم ٿي رهيو هو، بلدياتي ادارن جا دروازا شهرين لاءِ کوليا ويا هئا.

هن چيو ته مون کي خبر آهي ته توهان بلدياتي چونڊن جي ملتوي ٿيڻ تي ٿڪجي پيا آهيو، اليڪشن وڙهندڙن کي خبر آهي ته اليڪشن وڙهڻ ڪيترو ڏکيو هوندو آهي، ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي ملتوي ٿيڻ عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مڪاني چونڊن لاءِ هر تڪ مان هڪ نمائندو مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سمورين قوميتن جو نمائندو شامل آهي، سڄو ڪراچي چونڊن جو انتظار ڪري رهيو آهي ۽ اميدوار چونڊ مهم ڪري ٿڪجي پيا آهن، عوام هاڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني ادارن جي نمائندگي چاهي ٿو. هن چيو ته اسان کي کٽڻ يا هارائڻ جو ڪو به خوف ناهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي چونڊن ۾ جيڪو به کٽيندو ان کي قبول ڪنداسين، پ پ چونڊيل اميدوارن سان گڏ ڪم ڪندي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ڪي ايم سي جي ڪارڪردگي ۽ پ پ جيالي جي محنت ٻڌائي رهي آهي ته شهر جو ايندڙ ميئر جيالو هوندو جيڪو اڄ جي پروگرام ۾ موجود آهي. بلاول ڀٽو چيو ته هن وقت ملڪي معيشت بحران جو شڪار آهي، انهن سمورن مسئلن مان نڪرڻ لاءِ روٽي، ڪپڙي ۽ مڪان جو نعرو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ماضي ۾ به ملڪ کي بچايو، پاڪستان پيپلز پارٽي مستقبل ۾ به ملڪ کي بچائيندي.

بلاول ڀٽو چيو ته سليڪٽڊ خلاف جدوجهد لاءِ ٻاهر نڪتاسين، سليڪٽڊ ۽ ڪٺ پتلي کي گهر موڪليو، ورهائڻ، نفرت ۽ ڪوڙ جي سياست خلاف ٻاهر نڪتا هئاسين. هن چيو ته جڏهن به مقابلو ٿيندو ته فتح سچ جي ٿيندي ۽ شڪست ڪوڙ جي ٿيندي. پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان سياست ۽ معيشت کي نقصان پهچايو آهي، مسئلن مان نڪرڻ جو واحد رستو بينظير ڀٽو جو منشور آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ٿينديون ۽ نئون ناظم پيپلزپارٽي جو هوندو. پ پ چيئرمين چيو ته چيو پيو وڃي ته مراد علي شاهه ڪراچي جو وڏو وزير آهي، مراد علي شاهه ڪراچي لاءِ رڪارڊ ڪم ڪيا آهن، پر مراد علي شاهه رڳو ڪراچي نه پر سنڌ جو وڏو وزير آهي، هو هر علائقي جي مالڪي ٿو ڪري، مراد علي شاهه سڄي صوبي جي خدمت ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button