پاڪستانسنڌ

دهشتگردن جو انت آڻي پنهنجي ڌرتي تي امن قائم ڪنداسين: آصف زرداري

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري قوم کي نئين سال جون واڌايون ڏيندي چيو آهي ته مون کي يقين آهي ته ايندڙ سال ملڪ جي ترقي ۽ قوم جي خوشحالي جو سال هوندو. پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني عوام وڏين تڪليفن کي منهن ڏنو، ڪرونا، ان کانپوءِ ٻوڏ وڏو نقصان پهچايو، برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي پهرين ترجيح آهي، متاثرن جي مُنهن تي مُرڪون موٽائڻ اسان جو مشن آهي. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري انتهائي مختصر وقت ۾ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي ساک قائم ڪئي آهي، عالمي دنيا بلاول جي ڳالهه ٻڌي رهي آهي ۽ سندس موقف کي مڃي رهي آهي، جيڪا پاڪستان جي تاريخي ڪاميابي آهي.

سندس چوڻ هو ته پ پ سدائين دهشتگردن جو خاتمو ڪيو، منهنجي لاءِ اها تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي ته خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ وري دهشتگرد ڪارروائيون ڪري رهيا آهن، شهيد بينظير ڀٽو جو فلسفو سچ ثابت ٿيو آهي ته دهشتگردي جو خاتمو رڳو جمهوريت ئي ڪري سگهي ٿي، اسان جو واعدو آهي ته دهشتگردن جو انت آڻي پنهنجي ڌرتي تي امن قائم ڪنداسين ۽ ايندڙ نسلن کي هر قسم جي خوف کان پاڪ معاشرو ڏينداسين. آصف زرداري چيو ته نئين سال جي خوشي جي موقعي تي ٻوڏ متاثرن ۽ مظلوم ڪشميري ڀائرن کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو، يقين آهي ته 2023 ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جو سال هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button