رانديون

ڪير ڪنهن تي به آڱر نه کڻي، ٻيهر غلطيون نه ورجائينداسين: بابراعظم

دبئي: قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ٽي-ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا هٿان شڪست کانپوءِ غلطيون نه ورجائڻ جو عزم ڪيو آهي. آسٽريليا خلاف ميچ کانپوءِ هن ڊريسنگ روم ۾ ٽيم جي رانديگرن کي چيو ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته اسان ڪٿي غلط ٿياسين ۽ ڪٿي اسان کي بهتر ڪرڻ گهرجي ها، اسان کي ان مان سبق سکڻو پوندو.

هن چيو ته ڪير ڪنهن تي به آڱر نه کڻي، اسان ٽيم جي حيثيت سان سٺي راند نه ڪئي. هن چيو ته هارائي وياسين ڪابه ڳالهه ناهي، انهي مان سکنداسين، ايندڙ وقت ۾ جيڪا به ڪرڪيٽ کيڏنداسين ان ۾ اهڙيون غلطيون نه ورجائينداسين.

بابراعظم چيو ته اسان وچ ۾ تمام بهترين ماحول رهيو، هر ميچ ۾ هر ماڻهو پنهنجي ڀرپور ذميواري جو مظاهرو ڪيو، اسان ڀرپور ڪوشش ڪندا رهنداسين ۽ نتيجا پاڻمرادو اسان جي هٿن ۾ اچي ويندا. آخر ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم پنهنجي ٽيم جي رانديگرن کي چيو ته ڏک ته تمام گهڻو ٿيو آهي پر هن وقت اسان کي هڪٻئي کي حوصلو ڏيڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button