پاڪستانسنڌ

سج ۽ هوا مان بجلي ٺاهڻ جي منصوبن کي ترجيح ڏيون پيا: امتياز شيخ

ڪراچي: سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته سنڌ حڪومت سج جي روشني ۽ هوا مان بجلي ٺاهڻ جي منصوبن کي خاص ترجيح ڏئي رهي آهي ته جيئن آلودگي کان پاڪ توانائي حاصل ڪرڻ سان دنيا جي ماحوليات کي بهتر بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهجي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پنهنجي آفيس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هوا مان بجلي ٺاهڻ واري ڪمپني يونائٽيڊ انرجي آف پاڪستان، ٺٽي ۽ ڄامشورو جي علائقي ۾ هوا مان بجلي ٺاهڻ وارين ڪمپنين جي تنظيمن، ونڊ انرجي ايسوسي ايشن جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وفد ۾ خرم شهزاد، تنوير عباس مرزا ۽ ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير وفد سان ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسيبيليٽي جي اصولن تحت پراجيڪٽ ايريا جي مقامي رهڻ وارن لاءِ ڀلائي جي سرگرمين، روزگار جي فراهمي، پاڻي، سيوريج، اسپتال، اسڪول، راندين جا ميدان ۽ پارڪ وغيره جي فراهمي لاءِ ذميواريون پوريون ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ڪمپنيون سي ايس آر جي تحت ڪيل ڪمن جي تفصيل سان تحريري طور تي سنڌ حڪومت کي آگاهه ڪن ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ مقامي ماڻهن جنهن کي روزگار ڏنو ويو آهي جي لسٽ پڻ فراهم ڪن.

صوبائي وزير ان ڏس ۾ ايندڙ هفتي ٺٽي ۽ جهمپير جي علائقن ۾ بجلي ٺاهڻ وارين ڪمپنين جو اجلاس گهرائڻ جون هدايتون ڏين ته جيئن واسطيدار سمورين ڪمپنين جي سي ايس آر جي حوالي سان ڪيل ڪم بابت آگاهي حاصل ڪري سگهجي ۽ ڪمپنين کي درپيش مسئلن ۽ ان جي حل لاءِ پڻ اتفاق راءِ سان قدم کنيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button