پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت، انگ 7600 ٿي ويو

ڪراچي سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿيو، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 7600 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 4948 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 27 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چئي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو، جنهن سان فوتين جو انگ 7600 ٿي ويو آهي، جيڪو 1 ڏهائي 6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 4948 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان 27 ڪيس ظاهر ٿيا، جيڪا 0 ڏهائي 5 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6570722 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جن مان 472044 ڪيسن جي تشخيص ٿي آهي، جن مان 95 ڏهائي 7 سيڪڙو يعني 451811 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 168 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 12633 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 12418 گهرن ۾، 21 آئيسوليشن سينٽرن ۽ 194 مختلف اسپتالن ۾ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button