پاڪستانسنڌ

ماڻهو پوليس کان مايوس ٿي چڪا آهن، ان ڪري عدالت نٿا اچن: ها ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهري محمد جاويد سوڌو ٻين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس جي شنوائي ٿي، درخواستگذار ۽ سندن وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏنا ته ماڻهو پوليس کان مايوس ٿي چڪا آهن، ان ڪري عدالت نٿا اچن، ماڻهن هاڻي معاملو الله تي ڇڏيو آهي، هر تاريخ تي عدالت کان به رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري وڃي ٿي، چون ٿا، فلاڻي اداري کي خط لکيو آهي، رپورٽ ناهي آئي، چار چار سال گذري وڃن ٿا پر رپورٽ نٿي اچي.

ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته گهرو ۽ دفاع وارن کاتن جي فوڪل پرسن کي طلب ڪيو وڃي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته گهرايون نٿا، هاڻي گهرو کاتي جي سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيون ٿا، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن، عدالت ايندڙ شنوائي تي وفاقي گهرو کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين کان رپورٽون طلب ڪري ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button