پاڪستانسنڌ

مورو ۾ ڇوڪري جي قتل جي الزام هيٺ آيلن جو احتجاج

مورو: مورو ڀرسان ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ سڱاوتي تڪرار تان سيما ڌي غلام قادر پڃارو جي قتل جي الزام ھيٺ آيل روشن پڃارو جي گھرواري شڪيلان پڃارو، سندس ما عنايت خاتون، عابدہ پڃارو، عباس پڃارو معصوم ٻارڙن سميت مورو پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته قتل ٿيل سيما کي پنھنجي چاچي رحيم بخش پڃارو ڪارنھن جو ڪوڙو الزام ھڻي قتل ڪيو آھي ۽ قتل جو الزام روشن تي مڙھيو ويو آھي ۽ اسان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي، اسان ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت ٻين ذميوار اختيارين کي اپيل ٿا ڪيون ته سيما جي قتل جي عدالتي انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن اصل قاتل ظاھر ٿي پون، ٻئي پاسي قتل ڪيل ناري جو ڪيس گچيرو ٿاڻي تي ناري جي پيءِ غلام قادر پڃارو پاران ھڪ سڃاتل روشن پڃارو ۽ ٻن نامعلومن خلاف داخل ڪرايو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button