پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ها ڪورٽ سرڪٽ بئنچ جي قيام لا احتجاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ جي قيام لاءِ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ميرپورخاص پاران شروع ڪيل تحريڪ 22 هين هفتي به جاري رهي، سرڪٽ بئنچ جي قيام لاءِ هر جمعي تي وڪيل اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي پاران ڪورٽ جي احاطي ۾ شاميانا لڳائي احتجاج ڪيو ويو. جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ميرپورخاص جي صدر وڪيل مير پرويز اختر ٽالپر، وڪيلن شوڪت راهمون، شاهنواز لغاري، خان محمد پنهور، فياض لغاري، وقار ملڪ، نوشين پهوڙ، سترام ڀيل ۽ يار محمد مڱريو سميت مختلف سياسي سماجي، سول سوسائٽي ۽ صحافين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بار جي صدر مير پرويز ٽالپر چيو ته گذريل ڏينهن صدر عارف علوي ميرپورخاص واري دوري دوران ملاقات ۾ وڪيلن جي وفد کي سرڪٽ بئنچ جي قيام لاءِ خاطري ڪرائي آهي صدر جي خاطري بعد يقين آهي ته ميرپورخاص ڊويزن جي وڪيلن، سياسي سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا پرسنس جون ڪوششون ڪامياب ٿيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button