رانديون

نيوزيلينڊ کي شڪست، آسٽريليا پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي چيمپئين بڻجي ويو

دبئي: آسٽريليا جي ٽيم نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائي ورتو. دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪيويز طرفان مليل 173 رنسن جو هدف ڪينگروز ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 18.5 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو. آسٽريليا طرفان مچل مارش 77 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته گلين ميڪسويل 28 رنسون ٺاهي ساڻس گڏ ناٽ آئوٽ رهيو. ڪپتان ايرون فنچ 5 ۽ ڊيوڊ وارنر 53 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، نيوزيلينڊ طرفان ٻئي وڪيٽون ٽرينٽ بولٽ ورتيون.

ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي ڪيوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنسون ٺاهيون. نيوزيلينڊ جو ڪپتان ڪين وليمسن 85 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو، مارٽن گپٽل 28، ڊيرل مچل 11، گلين فلپس 18، جيمز نيشم 13، ٽم سيفرٽ 8 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا طرفان جوش هيزل ووڊ 3 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو، جڏهن ته ايڊم زمپا هڪ شڪار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button