سنڌ

اسان جي سماج ۾ عورتون بنيادي حقن کان محروم آهن:سنڌي عورت تنظيم

سنڌي عورت تنظيم جو ساليانو ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ تنظيم جي سال 2021-2022 جي مرڪزي باڊي چونڊي وئي، شهزادي ڀرڳڙي صدر ۽ نور بلوچ کي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي چونڊيو ويو، جڏهن ته سينيئر نائب صدر جي عهدي تي نظير قريشي، نائب صدر نازيه ڀٽي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سعيده گوپانگ، جوائنٽ سيڪريٽري ڪوثر چارڻ، رابطا سيڪريٽري فرح جتوئي، آفيس سيڪريٽري سنبل قريشي ۽ پريس سيڪريٽري جي عهدي تي مرڪ لانگاهه کي چونڊيو ويو، اهڙي طرح مرڪزي عهديدارن سان گڏ سمبارا جتوئي ۽ ڪونئر ٻائي سميت 48 عورتن تي ٻڌل مرڪزي ڪميٽي جي چونڊ ڪئي وئي. حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم سنڌ ميوزم ۾ منعقد ڪيل ڪنوينشن ۾ چونڊيل عهديدار عورت اڳواڻن چيو ته اسان جي سماج ۾ عورتون اڃا غلام آهن، انهن کي زندگي جي بنيادي حقن کان به محروم رکيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button