سنڌ

نااھل حڪومت تعليم کي ھٿ وٺي تباهه ڪيو آهي:اياز لطيف

سنڌي شاگرد تحريڪ جي تعليم بچايو ڪانفرنس ۽ مرڪزي ڪنويشن اڄ شام 4 وڳي حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿيندو. ڪانفرنس ۾ قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيندو. صدارت ايس ايس ٽي جو نئون چونڊيل مرڪزي صدر ڪندو. جڏھن ته اديب، شاعر، تعليمي ماھر خطاب ڪندا. ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ جي تعليم کي سنڌ جي نااھل ڪرپٽ پ پ پ حڪومت ھٿ وٺي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اسڪول کنڊر بنيل آھن. استاد ناھن. فرنيچر ۽ ٻيون بنيادي سھولتون ناھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت وٽ نياڻين جي تعليم جو ڪو پروگرام ناھي. ڪاليجن جي حالت رحم جوڳي آھي. حڪمران چاھين ٿا ته سنڌ کي وڏيرن ۽ سردارن ذريعي ڪنٽرول ڪجي. اقتدار کي ناجائز قبضاگيري ۽ ڦرلٽ جو ذريعو بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته بيڊگورننس جي ڪري سنڌ جا ادارا بدحالي جو شڪار آھن.
اياز

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button