پاڪستان

گئس 24 ڪلاڪن ۾ رڳو 3 وقت ملي سگهندي، لوڊشيڊنگ جو شيڊيول تيار

اسلام آباد: پيٽروليم واري وزارت ۽ سئي ناردرن ڪمپني سياري لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جو شيڊيول تيار ڪري ورتو آهي جنهن تحت 3 ڀيرا کاڌو پچائڻ لا گئس ملي سگهندي، لوڊشيڊنگ جي شيڊول موجب واهپيدارن کي پهرين ڊسمبر کان 24 ڪلاڪن دوران رڳو 3 ڀيرا رڌ پچاءَ جي وقتن دوران گئس فراهم ڪئي ويندي. شيڊيول موجب صبح ساڍي پنجين وڳي کان ساڍي اٺين وڳي تائين گئس ڏني ويندي، جنهن بعد گئس فراهمي بند ڪئي ويندي. منجهند ساڍي يارهين وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين گئس فراهم ڪئي ويندي ۽ پوءِ فراهمي بند ڪئي ويندي ۽ شام 4 وڳي کان رات 10 وڳي تائين گئس فراهم ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ صبح ساڍي پنجين وڳي تائين گئس جي فراهمي بند رهندي. ٻئي طرف پيٽروليم ڊويزن گهريلو واهپيدارن کي ڏينهن ۾ 3 وقت گئس جي فراهمي بابت وضاحت جاري ڪري ڇڏي. پيٽروليم ڊويزن موجب ڏينهن ۾ گهريلو واهپيدارن کي رڳو 3 وقت گئس فراهمي جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button