
ابوظهبي: گڏيل عرب امارتن ۽ ايران ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن جنهن ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. رپورٽ مطابق گڏيل عرب امارتن جي رياستن دبئي، شارجا ۽ عجمان ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب زلزلي جي ڪري ڪيتريون ئي عمارتون لُڏي ويون، جڏهن ته وڏي عمارتن مان ڪيترائي ماڻهو هيٺ نڪري آيا.

رپورٽن موجب زلزلي جو مرڪز ايران هو جيڪو شام 4 وڳي 16 منٽ تائين آيو. يورپين ميڊيٽيئرين سيسمولوجيڪل سينٽر موجب زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 3 رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته زلزلو بندر عباس کان 47 ڪلوميٽر پري 10 ڪلوميٽر گهرائي ۾ آيو. هوڏانهن ايراني صوبي هرمزگان ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا. هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن.