سنڌ

سرمائيدارن تعليمي نظام کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي:ريووليوشنري اسٽوڊنٽس فرنٽ

ريووليوشنري اسٽوڊنٽس فرنٽ (آر ايس ايف) پاران “شاگرد يونين بحال ڪيو” جي عنوان سان ريلي ڪڍي وئي، جنهن کانپو آر ايس ايف طرفان حيدرآباد پريس ڪلب جي آڊيٽوريم هال ۾ “انقلابي شاگرد” ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، جنهن دوران سنڌ يونيورسٽي ۽ حيدرآباد جي چونڊيل عهديدارن کان حلف پڻ ورتا ويا. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي آر ايس ايف جي مرڪزي آرگنائيزر اويس قرني، نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جمون ڪشمير جي مرڪزي صدر خليل بابر، اسلام آباد جي آرگنائيزر عمر عبدالله، آر ايس ايف سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻ فيصل مستوئي، حيدرآباد جي اڳواڻ سهيل چانڊيو ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جي فرزند سارنگ ڄام، ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپين جي اڪبر ميمڻ ۽ ٻين چيو ته اڄ ۾ شاگرد اذيت ناڪ مسئلن جو شڪار آهن، سرمائيدارن تعليمي نظام کي هڪ ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button